عبدالله عبد انصاري

عبدالله عبد انصاري: نامور شاعر عبدالله ‘عبد’ ولد مصري خان ڳوٺ باجارا، تعلقي سيوهڻ ۾ 1936ع ڌاري ڄائو، سندس والد باجارن جي ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ معزز شخص هو، جيڪو دشمنن هٿان ماريو ويو. ان بعد سندس پونير 1948ع ۾ لڏي ڪوٽڙيءَ ۾ اچي ويٺا. عبدالله پرائمري تعليم باجارا مان ئي حاصل ڪئي، مئٽرڪ شير دل خان هاءِ اسڪول مان 1958ع ۾ بي. اي، ايم. اي 1970ع ۾ ۽ بي. ايڊ 1973ع ۾ ڪيائين. 1966ع ۾ هاءِ اسڪول ۾استاد مقرر ٿيو. ننڍپڻ کان ئي شاعري ڪندو هو. هن شاعريءَ ۾ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ‘يادگار’ جي نالي سان 1958ع ۾ ڇپيو، هن شاعريءَ ۾ ‘عبد’ تخلص ڪتب آندو آهي. پاڻ 1960ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙيءَ جو ميمبر ٿيو. ڏهن سالن تائين سنگت ۾ ڪم ڪيائين، 1970ع ۾ اختلافن سبب ادبي سنگت کان الڳ ٿيو ۽ اچي هڪ مسجد وسايائين. هاڻي گهڻو وقت ذڪر ۽ فڪر ۾ گذري ٿو. پاڻ هن وقت ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو